سکر (ن س)سنڌو درياهه ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جي آمد ۾ اضافو جاري آهي.ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن لاهور گڊو بئراج تي وڏي سطح جي ٻوڏ جي رپورٽ ڏني آهي. فيڊرل فلڊ ڪميشن جي منجهند 12 جي ڊيٽا موجب گڊو تي هاءءِ فلڊ آهي، پاڻي جي آمد 6لک 27 هززار 908 ڪيوسڪس ۽ نيڪال 5 لک 98 هزار 667 ڪيوسڪس آهي. سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. پاڻي جي آمد 488,820 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 438890 ڪيوسڪس آهي. ڪوٽڙي بئراج تي هلڪي ٻوڏ آهي، پاڻي جي آمد 274129 ڪيوسڪس ۽ نيڪال 261399 ڪيوسڪس آهي. ٻئي طرف، سنڌو درياهه ۾ ڪوٽ مٺڻ راجن پور ۽ چاچڙان شريف تي پاڻي جو وهڪرو ٿورو گهٽجي ويو آهي ۽ سطح 11.5 فوٽ تي اچي وئي آهي.چناب درياهه ۾، هيڊ پنجند تي به وهڪرو گهٽجڻ جاري آهي. ان کان علاوه، سليمانڪي، گنڊا سنگهه والا ۽ هيڊ اسلام تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته راوي ۾ هيڊ سڌ نائي تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.










