سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪريو، خان کي مشورو ڏئي گهر پيو وڃان

سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪريو، خان کي مشورو ڏئي گهر پيو وڃان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ هائوس ايڪسپوز ٿي ويو آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ سنڌ جو پيسو استعمال ٿي رهيو آهي، مون وزيراعظم کي مشورو ڏنو آهي ته سنڌ م گورنر راڄ لاڳو ڪريو. کيس مشورو ڏئي مان گهر پيو وڃان فيصلو عمرزن خان کي ڪرڻو آهي. مان عمران خان سان گڏ آهيان. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون ان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ڪجهه شرط آهن. شيخ رشيد کي اهڙي ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي، گورنر راڄ جي منظوري وٺڻي پوندي. هو اهريون ڳالهيون ٿو ڪري جو مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.بعد ۾ اسد عمر، فواد چوڌري ۽ حماد اظهر گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته شيخ رسيد گورنر راڄ جو مشورو ڏنو آهي. اسد عمر چيو ته ان بابت عور نه پيو ٿيو پر سنڌ حڪومت غير آئيي ڪم ڪري رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته تجويز تي غور ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو