سنڌ ۾ سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ ۾ سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عيد جي موقعي تي اهم عهدن تي ردو بدل ڪندي گريڊ 21 ۽ ويهين جي آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستانايڊمنسٽريٽو سروس (پاس) جي گريڊ 21 جي آفيسر سيد حسن نقوي جيڪو پوسٽنگ جي انتظار ۾ هو تنهن کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو آهي. جتان گريڊ 20 هين جي آفيسر محمد سليم راجپوت کي هٽائي سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايڪسائيز سيڪريٽري طور مقرر ڪيل آفيسر عاطف رحمان کي استيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پاس جي گريڊ 20 هين جي آفيسر آصف اڪرام کي سيڪريٽري انفرميشن، سائنس ۽ ٽيڪالوجي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. جتان ابوبڪر احمد کي هٽائي لوڪل گورنمينٽ ۾ خالي پيل ڊي جي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن مقرر ڪيو ويو آهي. پاس جي گريڊ 20 هين جي آفيسر راجا خرم شهزاد عمر کي سيڪريٽري سيڙپڪاري کاتو مقرر ڪيو ويو آهي. جتان مريد حسين راهمون کي هٽائي خالي پيل پوسٽ، ميمبر صوبائي اليڪشن اٿارٽي مقرر ڪيو ويو آهي. پاس جي گريڊ 20 هين جي آفيسر حفيظ الله عباسي، جيڪو پوسٽنگ جي انتظار م تنهن کي سيڪريٽري ليبر اينڊ هيومن ريسورس ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جتان شارق احمد کي هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي م رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو