سنڌ ۾ ايڇ پي وي مهم پهرين آڪٽوبر تائين وڌائڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ايڇ پي وي مهم پهرين آڪٽوبر تائين وڌائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايڇ پي وي ويڪسينيشن مهم دوران وڌيڪ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي مهم جو مدو پهرين آڪٽوبر تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊائريڪٽر اي پي آءِ سنڌ، ضلعي جي صحت آفيسرن کي ايڇ پي وي جي ويڪسينيشن مهم جي ڪيچ اپ ڊيـز بابت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊائريڪٽر اي پي آءِ پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مهم جي ابتدائي 12 ڏينهن دوران صوبي ڀر ۾ 59 سيڪڙو ٻارڙين کي ويڪسين ڏني وئي، 9 کان 14 سالن جي ٻارڙين کي هي ويڪسين ڏني پئي وڃي. جڏهن ته وڌيڪ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ 29 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين ڪيچ اپ ڊيـز هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، جن اسڪولن ۾ 80 سيڪڙو کان گهٽ ڪوريج آهي، اتي ويڪسينشن سيشن ٻيهر ڪرايا ويندا، جڏهن ته سڀني فيلڊ ٽيمز ۽ سپروائيزرز کي بغير اضافي بجيٽ ڪيچ اپ سرگرميون ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. ڊائريڪٽر اي پي آءِ سنڌ طرفان ڊپٽي ڪمشنرن کي مهم جي نگراني جي ذميواري سونپي وئي آهي. ياد رهي ته هيومن پاپيلومو وائرس يعني ايڇ پي وي خلاف پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ويڪسينيشن مهم 15 کان 27 سيپٽمبر تائين شروع ڪئي وئي هئي. هن مهم خلاف ڪجهه ماڻهن ڪوڙي پروپيگنڊه ڪئي ته هي ڇوڪرين ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪندي پر ماهرن سندن خدشن کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو هو. هن وائرس سان عورتن ۾ ٻچيداني، ڳئي، ڪنڌ ۽ مٿي ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي. سعودر عرب سميت دنيا جي 150 ملڪن ۾ هي ويڪسين مهم ڪاميابي سان هلي آهي. پاڪستان ۾ هر سال پنج هزار سروائيڪل ڪينسر جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو