سنڌ ۾ 13 مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري

سنڌ ۾ 13 مڪاني سيٽن تي ضمني چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري

ڪراچي (ن س )حيدرآباد سميت سنڌ جي 9 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي.اليڪشن ڪميشن موجب 13 سيٽن تي پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي.حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، سجاول، سکر، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ پولنگ جاري آهي.اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ميمبر ضلعي ڪائونسل جي 5 سيٽن ۽ چيئرمين جي 2 سيٽن، وائيس چيئرمين جي 2 سيٽن ۽ جنرل وارڊ ميمبر جي 4 سيٽن تي ووٽنگ ٿي رهي آهي.اليڪشن ڪميشن موجب ضمني چونڊن ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد 98,808 آهي، جن ۾ 53,832 مرد ۽ 44,976 عورت ووٽر شامل آهن.اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چوي ٿو ته اڄ ٿيندڙ چونڊ عمل لاءِ 73 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 59 کي انتهائي حساس ۽ 11 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن اهو به چيو آهي ته اميدوار اڳ ۾ ئي 45 سيٽن تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ 8 چيئرمين، 6 وائيس چيئرمين ۽ ٻيا اميدوار شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو