سنڌ کي امين کوسو جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، مقرر

سنڌ کي امين کوسو جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، مقرر

ٺل(عبدالنبي شيخ)سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺل پاران ڪانگريس اڳواڻ محمد امين کوسو جي ورسي تقريب ملهائي وئي،تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن محبوب علي سومرو،مسافر ڪنراڻي،نفيس سومرو ،اي ڪي مغل،اصغر سجاڳ،اداسي ٻرڙو ۽ ٻين جي شرڪت،ڪانگريس اڳواڻ امين کوسو هارين مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪندي سردارن ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائيندي مقابلو ڪيو، امين کوسو جو سياسي ڪردار سگهارو هو سنڌ ۾ امين کوسو جهڙي سگهاري ڪردارن جي ضرورت آهي. تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن محبوب علي سومرو، مسافر ڪنراڻي، نفيس سومرو ، اي ڪي مغل، اصغر سجاڳ، اداسي ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانگريس اڳواڻ محمد امين کوسو هارين مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪندي سردارن ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائيندي مقابلو ڪيو هو. امين کوسو جو سياسي ڪردار سگهارو هو ۽ جيڪو اڄ به  سنڌ ۾ امين کوسو جهڙي سگهاري ڪردارن جي ضرورت آهي،ورسي تقريب ۾ شائرن ڀيٽا طور شعر چئي ڀيٽا ڏني وئي،اديبن پاران به سهڻي ڪردار جي مالڪ محمد امين کوسو جي ساراھ ڪري محفل سندس ڪردار بابت ڄاڻ ڏئي داد حاصل ڪيو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو