سنڌ کان علاوهه ملڪ ۾ رات 8 وڳي بازارون ۽  مال بند ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ کان علاوهه ملڪ ۾ رات 8 وڳي بازارون ۽ مال بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ کان علاوه سموري ملڪ ۾ روزاني ضرورت جي شين جون دڪانون، ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ مارڪيٽون ۽ مال رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين بابت اجلاس ۾ ڪيل فيصلي موجب، بيڪريون، ريسٽورنٽ ۽ شادي هال رات 10 وڳي بند ٿيندا. فيصلا 7 اپريل کان لاڳو ڪيا ويندا.فيصلا پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ لاڳو ڪيا ويندا. خيبر پختونخوا جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ بازارون ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي تائين کليل رهڻ جي اجازت هوندي.اجلاس کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مارڪيٽن ۽ ٻين ڪم جي ڪلاڪن بابت مشاورت جو عمل جاري آهي.وزيراعظم هائوس موجب، گلگت شهر ۽ مظفر آباد شهر ۾ انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني لاءِ مفت هوندي. پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اعلان موجب، روزاني ضرورت جي شين جون دڪانون، ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ مال به رات 8 وڳي بند ٿيندا، بيڪريون، ريسٽورنٽ، تندور ۽ کاڌي پيتي جون دڪانون رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شادي هال ۽ مارڪيٽ رات 10 وڳي کان پوءِ بند رهندا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خانگي ملڪيتن ۽ گهرن ۾ شادي جي تقريبن تي به رات 10 وڳي کان پوءِ پابندي هوندي، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورن ۽ فارميسي جي ڪم جا ڪلاڪ انهن پابندين کان مستثنيٰ هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو