سنڌ حڪومت 500 اي وي بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ حڪومت 500 اي وي بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 500 نئين اي وي بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت هلايون وينديون. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر نصير احمد خطاب ڪندي چيو ته منگهو پير جي علائقي ۾ ڪابه پبلڪ ٽرانسپورٽ نه آهي، مان پهريان به آواز اٿاري چڪو آهيان ته بسون هلايون وڃن.سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اورنگي، بنارس ۽ ٻين علائقن ۾ بس سروس شروع ڪئي ويندي، مختلف روٽس تي به نيون بسون هلايون وينديون. 3 نوان روٽس شروع ڪري رهيا آهيون، سموري سنڌ ۾ بسن جو نيٽ ورڪ وڌائي رهيا آهيون.شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪا نشاندهي ڪئي وئي حڪومت انهي تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت 500 نئين اي وي بسن جي منظوري ڏني آهي، ٽنڊوالهيار، خيرپور ۽ روهڙي سميت نوان روٽس شروع ڪيا آهن. ڪراچي ۾ گلشن معمار کان نئون روٽ شروع ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم ميمبر معاذ محبوب چيو ته منهنجي تڪ سميت هر جڳهه تي گهٽڪو مائو ملي رهيو آهي، اهو ڪم پوليس جي سرپرستي ۾ ٿي رهيو آهي، منشيات کلي عام وڪرو ٿي رهي آهي. گهرو وزير منهنجي تڪ ۾ هلي مان نشاندهي ڪندس جنهن تي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته گهٽڪي ماوي جي روڪٿام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو