ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اڄ گورنر ڏانهن اماڻي ويندي.اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ نگران وڏي وزير لاءِ صوبائي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ مشاورت جاري آهي. ذريعن موجب پ پ پاران سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي.ان کان اڳ سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ ممتاز علي شاهه جو نالو به سامهون اچي چڪو آهي.مخالف ڌر طرفان شعيب احمد صديقي ۽ يونس ڍاگا جا نالا سامهون آيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ڳالهين ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي جي نالي تي به مشاورت ڪئي وئي.










