سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار

سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي موجب سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ 31 مئي تائين وچولي کان سخت هيٽ ويو جي صورتحال جاري رهڻ جو امڪان آهي۔
ان دوران سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن⁠تہ موهن جو دڙو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ۾ به گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
ڪراچي ۾ اڄ به موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي۔ ان کان علاوه ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڄامشورو ۾ پارو 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو خدشو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي بابت ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ايندڙ 3 ڏينهن موسم گرم ۽ گهٻرايل (نمي وارو) رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن⁠تہ اڄ وقفي وقفي سان تيز هوائون هلنديون رهنديون۔
موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي گرمي پد 37 ڊگري، جڏهن⁠تہ ڇنڇر تي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، ۽ ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون جاري رهنديون۔

پهنجو تبصرو موڪليو