سنڌ تي قبضو نا منظور، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

سنڌ تي قبضو نا منظور، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ، ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھڻ ۽ سنڌ دشمن بحريا ٽائون منصوبي خلاف ڌرتي ڌڻين پاران سکر جي سٽي باء پاس کان تير چوڪ تائين ريلي ڪڍي  مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھ، قومي عوامي تحريڪ سميت ٻين قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي ريلي تير چوڪ واري علائقي ۾ پھتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. جتي اڳواڻن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جون زرخيز زمينون بحريا ٽائون جي قبضاخور ملڪ رياض حوالي ڪري سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون جو بنياد وڌو ويو آھي. جڏھن ته سنڌ صوبي ۾ ڌارين کي آباد ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن. جنھن مان حڪمرانن جي بدنيتي ۽ سنڌي قوم کي اقليتين ۾ شامل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جيڪا ڪنھن به صوت ۾ قبول نه ڪنداسين  ھنن چيو آھي ته ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي اڳئي عوام جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن ويتر حقن تي ڌارين جي ڌاڙن ۽ بيروزگاري سبب ماڻھون خدڪشون ڪري رھيا آھن. سنڌين کي اقليت ۾ ڪنھن به صورت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو. ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ دشمن منصوبن کي فوري طور ختم ڪري سنڌ جي وسيلن تي سنڌي قوم کي حق ۽ حاڪميت ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌي قوم روڊن تي نڪري ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو