دادو (ادل مهيسر)عوامي تحريڪ جو سنڌ بچايو، وسيلا بچايو عوامي سجاڳي مارچ جو چوٿون مرحلو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڄامشوري کان شروع ٿيو ۽ دادو پھتو . شهرين، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو ۽ اڳواڻن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا. عوامي سجاڳي مارچ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هو. ڪارڪنن مطالبن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي، سنڌ جو ورهاڱو نامنظور، سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو، ڪارونجهر جو قتلِ عام بند ڪريو، نياڻين جو قتلِ عام نامنظور، سنڌو درياهه تي ڊيم نامنظور، سنڌ بئراج نامنظور، بحريا ٽائون نامنظور، ڊي ايڇ اي سٽي نامنظور، ذوالفقار آباد نامنظور، ڌارين جي آبادڪاري نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. سجاڳي مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن جي اين کوسو، نور احمد ڪاتيار، لال جروار، عارف جوڻيجو غلام رسول لغاري سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صبحاني ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور رند، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر پرديپ گلاب، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي محمد وڪو ڪئي. دادو پريس ڪلب اڳيان عوامي سجاڳي مارچ کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته اسٽيبلشمينٽ جمهوري عمل کي يرغمال بڻائي ملڪي عوام مٿان پنهنجا من پسند حڪمران مڙهيا آهن، جن کي عوام جي مفاد کان وڌي ڪمپني سرڪار جا مفاد وڌيڪ عزيز آهن. ملڪ جي وجود جي پهرين ڏينهن کان وٺي قومن جو استحصال ڪري صوبن جي وسيلن کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي. ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ 71 سيڪڙو گئس، 70 سيڪڙو پيٽرول ۽ وڏو حصو روينيو جو ڏيندڙ سنڌ کي موٽ ۾ بک، بيروزگاري، ڪرپشن، بيماريون ۽ بدحالي ڏنا ويا آهن. ٿرپارڪر ۾ علاج نه ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙا پنهنجي مائرن جي جهولين ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا. ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن لاءِ اسپتالن ۾ ويڪسين موجود نه آهن. ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود سمورين سرڪاري اسپتالن کي مريضن لاءِ ڪوس گهر بڻايو ويو آهي.










