سلمان خان جي ڀاڻيجي جي پهرين فلم جو ٽريلر جاري

سلمان خان جي ڀاڻيجي جي پهرين فلم جو ٽريلر جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي ڀائيٽي ايلزا اگني هوتري جي پهرين فلم ”فري“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.هن فلم کي سلمان خان پروڊيوس ڪيو آهي، ان موقعي تي سلمان خان پنهنجي روزمرهه جي انداز ۾ نظر آيو، ممبئي ۾ هن تقريب ۾ سندس گهر وارا به موجود هئا.واضح رهي ته ايلزا اگنيهوتري سلمان خان جي ڀيڻ الويرا خان ۽ فلمساز اتل اگني هوتري جي ڌيءَ آهي. فلم فري هن مهيني جي 24 تاريخ تي رليز ٿيندي.تقريب دوران سلمان خان ايلزا اگني هوتري ۽ فري جي پوري ٽيم سان تصويرون پڻ ڪڍرايون. ايوش شرما ۽ سندس زال ارپيتا خان، سهيل خان ۽ سندن پٽ نروان خان پڻ تقريب ۾ موجود هئا.فلم جي هدايتڪاري ايوارڊ ماڻيندڙ فلمساز سوميندرا پاڌي ڪئي آهي، جڏهن ته ڪاسٽ ۾ عليزي کان علاوه زين شاهه، ساحل مهتا، پرسنا بشت، رونيت بوس راءِ ۽ جوهي بابر سوني شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو