سعودي تي حملا مسلم امت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو منصوبو آهي

سعودي تي حملا مسلم امت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو منصوبو آهي

اسلام آباد (بيورو رپور ٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سعودي عرب تي تازي حملا مسلم امت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو آمريڪي ۽ اسرائيلي منصوبو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي اجلاس جي صدارت ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان انهن حملن کي سعودي عرب جي خود مختياري ۽ سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهون ٿا، اسان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي سعودي قيادت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان پهرئين ڏينهن کان آمريڪي پٺڀرائي ۾ اسرائيل جي فلسطينين خلاف جارحيت جي مخالفت ڪئي، اسان اسرائيل جي عرب دنيا ۽ ايران تائين قبضي واري عزمن جي ڀرپور مخالفت ڪئي. سندس چوڻ هو اسان هر هر نشاندهي ڪري رهيا آهيون ته اسلامي ملڪن کي پاڻ ۾ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻو آهي، اسلامي ملڪن کي اسرائيل خلاف يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اسلامي ملڪن کي هڪ اسلامي بلاڪ جوڙڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو