سرڪاري-خانگي ڀائيواري منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ نئون نظام منظور

سرڪاري-خانگي ڀائيواري منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ نئون نظام منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري جي ذريعي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران، وزيراعظم ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (P3A) ۽ ان سان لاڳاپيل نظامن کي وڌيڪ ضم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ادارو نجڪاري ڊويزن جي تحت ڪم ڪندو ته جيئن P3A جي ڪارڪردگي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪري سگهجي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ترقياتي منصوبن کي تيز ڪري سگهجي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي صلاحيت کي بهتر بڻايو وڃي، ۽ ترقياتي منصوبن کي وزارتن ۽ کاتن جي ڪارڪردگي ماپ (KPIs) جو حصو بڻايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته P3A ذريعي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سسٽم کي وڌيڪ شفاف ۽ تيز بڻايو پيو وڃي.
اجلاس ۾ خطي ۽ عالمي سطح تي مختلف ملڪن ۾ رائج پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊلز جو مقابلو ڪيو ويو.
اجلاس کي تجويز ڪيل نئين نظام جي خاصيتن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته نئين نظام تحت، ڪابينا ڪميٽي آن پرائيويٽائيزيشن ۽ پرائيويٽائيزيشن ڊويزن P3A جي نگراني ڪندا.
ان کان علاوه، وزيراعظم نئين منظور ٿيل نظام جي عملدرآمد تي پيش رفت کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو