سرڪاري ايمبولينس ۾ ميت کڻڻ تي پابندي لاڳو

سرڪاري ايمبولينس ۾ ميت کڻڻ تي پابندي لاڳو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ سرڪاري ايمبولينسز ۾ مڙهه کڻي وڃڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي، ڊي جي هيلٿ سروسز سنڌ سمورن سرڪاري اسپتالن جي انتظاميه ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي خط لکي چيو آهي ته سرڪاري ايمبولينس صرف انتهائي بيمار مريض کي هڪ جاٰءِ تان ٻئي جاءِ تي منتقلي جي لاءِ آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته مڙهه جو احترام آهي پر ايمبولينس ميت جي منتقلي لاءِ استعمال نه ڪئي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ميت جي منتقلي لاءِ مخصوص گاڏيون يا ڪنهن ٻئي گاڏي جو استعمال ڪيو وڃي، اسپتالن جي چوڌاري ٽن زبانن ۾ آگاهي بينرز لڳايا وڃن ۽ ايمبولينس کي صرف مريضن جي منتقلي تائين رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو