راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، رٽائرڊ ۽ سروسز آفيسرن پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڄ سڄي قوم لاءِ هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هر شهيد کي ياد ڪرڻ ۽ خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. شهيدن ملڪ ۽ مادر وطن جي سالميت، آزادي ۽ فرض جي پورائي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون.آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو آهي ته شهيدن جون لازوال قربانيون وطن جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن، پاڪستان دشمنن جي پروپيگنڊا جي پرواهه ڪرڻ جي باوجود انهن قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم شهيدن ۽ انهن جي قابل فخر خاندانن جي تمام گهڻي مقروض آهي.










