گهوٽڪي (ن سنڌيار) سارين جي فصل خلاف ڪارروائين جو فيصلو، آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي، سمورن سرڪاري قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ جوڳا قدم کنيا وڃن. اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي ٿيل اجلاس ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ضلعي جي مختلف علائقن مان آبادگار شڪايتون ڪندا رهن ٿا ته سندن زرعي زمينن ويجهو سارين جو فصل پوکيو ويو آهي جنهنڪري انهن جي زمين متاثر ٿئي پئي انڪري اهڙن آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ واسطي سارين جي فصل خلاف قانون موجب ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. هن سمورن روينيو آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري قبرستانن مٿان ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ جوڳا قدم کنيا وڃن جڏهن ته تفصيلي جائزو وٺڻ بعد قبرستانن جون سرڪاري رڪارڊ ۾ انٽريون به رکيون وڃن ۽ جيڪڏهن غيرقانوني انٽريون آهن ته رد ڪيون وڃن، جيئن مستقبل ۾ مشڪلات پيش نه اچي جڏهن ته مئٽرڪ جي امتحانن دوران ڪاپي کي روڪڻ واسطي پڻ ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ۾ موجود هائوسنگ ساسائٽيز جي رهائشي اسڪيمن ۾ قبرستانن لاءِ جڳهه مختص ڪرڻ ۽ سرڪاري تحويل ۾ ڏيڻ جي سلسلي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي سفارشون اماڻيون وينديون










