گهوٽڪي (ن س )رهڙڪي صاحب ۾ روحاني پيشوا سائين سادھرام جون آخري رسمون انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ عقيدتمندن، گادي نشينن، پنچايتن جي سربراهن، سماجي شخصيتن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي درگاهه ۽ ڀرپاسي جي فضا سوڳوار رهي، جڏهن ته عقيدتمند پنهنجي محبوب روحاني اڳواڻ کي آليون اکين سان الوداع ڪيو۔ آخري رسمن کان پوءِ اهم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي گادي نشينن، مختلف پنچايتن جي سربراهن ۽ سياسي ۽ سماجي نمائندن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ گڏيل طور تي سائين سادھرام جي فرزند روحت ڪمار کي درگاهه رهڙڪي صاحب جو نئون (اٺون) گادي نشين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ روحت ڪمار جي پڳ پوشي ڇنڇر 23 مئي تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ موجود اڳواڻن ۽ عقيدتمندن نئين گادي نشين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته رهڙڪي صاحب جون روحاني روايتون ۽ درگاهه جو نظام ساڳئي تسلسل سان جاري رهندو۔










