زلزلو، امدادي ڪم جاري، 100 کان مٿي ماڻهو بچايا ويا

زلزلو، امدادي ڪم جاري، 100 کان مٿي ماڻهو بچايا ويا

ينگون(ويب ڊيسڪ)ميانمار ۾ زلزلي کان پوءِ امدادي ڪارروايون جاري، 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو ويو. ميانمار ۾ جمعي تي آيل 7.7 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ تقريباً 1700 تائين پهچي ويو آهي. 3400 کان وڌيڪ ماڻهو زلزلي سبب زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 300 ماڻهو اڃا تائين گم آهن. ساگانگ علائقي ۾ زلزلي سبب ڊهڻ واري اسڪول جي عمارت مان چار ماڻهن کي زندهه ڪڍيو ويو، جڏهن ته ساڳئي جاءِ تان هڪ لاش به هٿ آيو آهي. ميانمار جي فائر سروس ڊپارٽمينٽ جي تازي رپورٽ موجب، امدادي ڪارڪنن حادثي واري هنڌ تي وڌيڪ زندهه بچيل ماڻهن جي ڳولا جاري رکي آهي. ٻئي طرف، ميانمار جي گاديءَ واري شهر جي ويجهو ڪريل هڪ ٻي عمارت جي ملبي مان هڪ عورت کي زندهه ڪڍيو ويو آهي.
بئنڪاڪ ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو:
ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم انوتين چرني راڪول بئنڪاڪ ۾ زلزلي سبب زير تعمير ڊهندڙ عمارت واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، “امدادي ٽيمون ملبي جي هيٺان زندهه ماڻهن کي بچائڻ لاءِ جديد اسڪينر استعمال ڪري رهيون آهن، پر ملبي جي اندر کان ايندڙ سگنلز تمام ڪمزور آهن.” هن وڌيڪ چيو ته “ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهو شايد هاڻي چر پر نٿا ڪري سگهن. هن وضاحت ڪئي ته “زندهه بچيل ماڻهن جي ڳولا مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته ملبي جو ڍير تمام وڏو آهي، جنهن کي هٽائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي رهيو آهي. پر، انجنيئرز ۽ امدادي ڪارڪن صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.” هن چيو ته عمارت ڪرڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو يا ڊزائن جو فالٽ هو. ٻئي طرف، بئنڪاڪ ميٽروپوليٽن انتظاميه موجب، ٿائيلينڊ ۾ زلزلي سبب 18 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 11 ماڻهو بئنڪاڪ ۾ زير تعمير عمارت جي ڪرڻ سبب مارجي ويا. انتظاميا جو چوڻ آهي ته 33 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 78 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو