رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر تڪرار ،آبادگارن جو احتجاج

رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر تڪرار ،آبادگارن جو احتجاج

ڪلوئي (ن سنڌيار)رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر جي تڪراري دڪي جو نبيرو نه ٿيو ڏيپلو مائنر جي آبادگارن جو ڏيپلو مائنر جي منڍ تي احتجاجي مظاهرو ايس ڊي او تي پئسا وٺي دڪو هڻڻ جو الزام خبر موجب ڏيپلو مائنر جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ علي بهادر لنڊ رياض درس رازق ڏنو درس ٻين ڏيپلو مائنر جي منڍ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو انهي موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي ڏيپلو مائنر کي ايس ڊي او بدر ميمڻ هٿرادو دڪو هڻي اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي جيڪو اسان سان ظلم آهي هنن چيو ته اسان جي ڪو دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ناهي هنن چيو ته ايس ڊي او بدر ميمڻ بااثر زميندارن کان پئسا وٺي اسان جو پاڻي بند ڪيو آهي هنن چيو ته چويه ڪلاڪ اندر ڏيپلو مائنر تان دڪو نه هٽيو ته اسان هتائينداسين پوءِ جيڪو نقصان ٿيو انهي جو ذميوار ايس ڊي او بدر ميمڻ هوندو هوڏانهن سب ڊويزن نئون جي ايس ڊي او بدر ميمڻ چيو ته رڻ شاخ مان نڪرندڙ ڏيپلو مائنر جو ڏيپلو مائنر جي آبادگارن هٿرادو دڪو ٽوڙيو آهي جنهن ڪري اسان دوباره دڪو هنيو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي انجنيئر مٺڙائو غلام عباس چيو آهي ته سڀاڻي آئون ارڙهين ميل دڪي تي اچي ڏيپلو مائنر کي لڳل دڪو ڏسندس ۽ ايس ڊي او ۽ آبادگارن جون ڳالهيون ٻڌي مئسلو حل ڪندس جنهن کان پوءِ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن ڏيپلو مائنر وٽ لڳل احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو