ٽريفڪ خلاف ورزين تي لکين روپيا ڏنڊ جي منظوري

ٽريفڪ خلاف ورزين تي لکين روپيا ڏنڊ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت طرفان ٽرئفڪ ضابطا سخت ڪرڻ لاءِ، جمعي ڏينهن روڊ سيفٽي ۽ ذميواري کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽرئفڪ قانونن ۾ اهم تبديليون منظور ڪيون ويون، جنهن ۾ چئن سيٽن واري رڪشا تي پابندي، گاڏين لاءِ لازمي “ٿرڊ پارٽي” فٽنيس ٽيسٽ، ۽ ٽرئفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڏا ڏنڊ لڳائڻ شامل آهن. اهو فيصلو ان وقت ٿيو جڏهن ڪراچي ۾ ڊمپرز ۽ واٽر ٽينڪرز سان حادثن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ 2024 دوران لڳ ڀڳ 500 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4,879 زخمي ٿيا، اسپتالن جي ڊيٽا موجب. انهن حادثن جي خلاف شهرين جي احتجاجن سبب، صوبائي حڪومت ڏينهن جي وقت ۾ وزني گاڏين جي آمد و رفت تي پابندي لڳائي ۽ انهن لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو. سنڌ جي گهرو کاتي جي بيان موجب، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ صوبائي روڊ حادثن ۾ خطرناڪ واڌ جي روشني ۾ موٽر وهيڪل رولز ۾ ضروري تبديليون آڻڻ تي غور ڪيو ويو. قانون ۽ ٽرانسپورٽ ڱاتن جي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٽرئفڪ پوليس پاران اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ “ٿرڊ پارٽي” ذريعي گاڏين جي فٽنيس سرٽيفڪيشن کي آئوٽ سورس ڪرڻ ۽ چئن سيٽن وارن رڪشن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. بيان مطابق، اجلاس ۾ اهم فيصلن ۾ واپار ۽ غير واپار واري گاڏين لاءِ لازمي فٽنيس سرٽيفڪيشن، ۽ گاڏين جي فٽنيس جي جانچ لاءِ “ٿرڊ پارٽي” جي خدمتن جي آئوٽ سورسنگ شامل آهي. لنجار چيو، “ٿرڊ پارٽي” جون خدمتون فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ ورتيون وينديون ۽ انهن سان سڀني قاعدن جي تعميل ڪندي باضابطا ياداشتون (MoUs) سائين ڪيون وينديون.” اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آن لائن يا دڪانن تان رنگين يعني ٽِنٽڊ شيشا، فينسي لائٽون، ۽ سائرن جي وڪري تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي. بيان ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ چئن سيٽن وارن رڪشن تي مڪمل پابندي لاءِ قانوني ترميمون متفقه طور منظور ڪيون ويون، ۽ ايڪسايز وزير مڪيش ڪمار چاولا يقين ڏياريو ته ايڪسايز کاتو ٽرئفڪ قانونن جي لاڳو ڪرڻ ۾ مڪمل مدد ڪندو. هن چيو ته چئن سيٽن وارن رڪشن (جن ۾ چنگچي به شامل آهن) لاءِ ڪابه رجسٽريشن يا روٽ پرمٽ جاري نه ڪئي ويندي، ڇو ته اهڙين رڪشن جا ٽرڪ سان ٽڪراءُ جا واقعا ٿي چڪا آهن . هن وڌيڪ چيو ته اهڙين گاڏين خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جيڪي روڊن تي هلندي نظر اينديون. هن گاڏين جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ سروسز کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته فٽنيس گهرجن جي سختي سان پيروي ڪئي ويندي. چاولا واٽر ٽينڪرز ۽ ڊمپرز لاءِ ٽريڪرز ۽ سينسر لڳائڻ پڻ لازمي قرار ڏنو. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نون قانونن جو مسودو مڪمل تيار ڪري سنڌ حڪومت وٽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. گهرو وزير لنجار چيو ته ٽرئفڪ رش، حادثن ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙين کي گهٽائڻ لاءِ رڳو 1×2وارا رڪشا هلائڻ جي اجازت هوندي.
اجلاس ۾سخت ڏنڊ پڻ منظور ڪيا ويا:
• سرڪاري گاڏي طرفان غلط رستي تي هلڻ لاءِ 200,000 رپيا ڏنڊ
• موٽر سائيڪل هلائيندڙ لاءِ مخالف ٽرئفڪ ۾ هلڻ تي 25,000 رپيا ڏنڊ
• چار پئي واري گاڏي لاءِ ون-وي ڀڃڪڙي تي 100,000 رپيا ڏنڊ
• موٽر سائيڪل هلائيندڙ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس نه هجڻ تي 25,000 رپيا ۽ ڪار ڊرائيور لاءِ 50,000 رپيا ڏنڊ
• ون-ويلنگ يا ڊرفٽنگ جي پهرين ڀڃڪڙي لاءِ 100,000 رپيا ڏنڊ، ٻي ۽ ٽئين ڀڃڪڙي لاءِ 200,000 ۽ 300,000 رپيا ڏنڊ
ان کان علاوه، لنجار وزن کڻندڙ وڏين گاڏين ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڪيمرائون لڳائڻ کي لازمي قرار ڏنو. فيصلو ڪيو ويو ته ٽرئفڪ ڀڃڪڙين جا اي-چالان گاڏي مالڪن جي رجسٽرڊ گهر پتي تي موڪليا ويندا. جيستائين ڏنڊ ادا نه ٿيندو، گاڏي جي وڪري يا منتقلي جي اجازت نه هوندي. لنجار وڌيڪ چيو ته ٽرئفڪ، ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز جون سهولتون پاڻ ۾ ڳنڍي آن لائن منتقل ڪيون وينديون ۽ ٽرئفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي وارن ڪيسن لاءِ هڪ الڳ ٽرئفڪ مجسٽريٽ مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو