ريلوي کي عيد جي ڏينهن ۾ مسافر ٽرينن مان رڪارڊ آمدني

ريلوي کي عيد جي ڏينهن ۾ مسافر ٽرينن مان رڪارڊ آمدني

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عيد جي ٽن ڏينهن ۾ مسافر ٽرينن مان رڪارڊ آمدني ڪمائي.پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب، عيد جي پهرين ڏينهن تي آمدني 110 ملين، ٻئي ڏينهن 170 ملين ۽ ٽئين ڏينهن 200 ملين کان وڌيڪ هئي.ريلوي ترجمان چيو ته گذريل هڪ هفتي ۾ ريلوي مسافر ٽرينن مان 1 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي.ريلوي جي وزير حنيف عباسي هن حوالي سان چيو ته ريلوي جي رڪارڊ آمدني مثبت پاليسين جو نتيجو آهي جنهن لاءِ انتظاميه مبارڪباد جي مستحق آهي.وفاقي وزير چيو ته بهتر سهولتون ۽ مضبوط ٽريڪ مسافرن جو حق آهن، اهي ٻنهي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾، ڪراچي کان روهڙي تائين ٽريڪ کي مڪمل طور تي اپ گريڊ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو