ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ کٽڻ کان پوءِ انعام مليو، ڀارتي ميڊيا موجب روهت شرما جي ٽيسٽ ڪپتاني ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هو انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.ياد رهي ته روهت شرما جي اڳواڻي ۾ ڀارتي ٽيم چيمپئنز ٽرافي ۾ ناقابل شڪست رهي هئي.ڀارتي ميڊيا موجب، سليڪٽرز روهت شرما تي ٻيهر اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي جون کان آگسٽ تائين انگلينڊ جي دوري لاءِ اعتماد جو ووٽ مليو آهي. روهت شرما کي يقين ڏياريو ويو آهي ته هو انگلينڊ ۾ ڪپتان هوندو.










