اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ پوليس آفيسر کي روسي سفارتڪار کي خفيه معلومات ڏيڻ تي ڏنل سزا رد ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ روسي سفارتڪار کي خفيه معلومات ڏيڻ جي ڪيس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) ظهور جي سزا خلاف اپيل قبول ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني سزا خلاف اپيل قبول ڪري ورتي. 13 ڊسمبر 2021 تي اي ايس آءِ ظهور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. سرڪاري رازداري ايڪٽ جي عدالت 18 مئي 2024 تي ظهور کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي.هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي مڪمل ڪئي ۽ اپيل قبول ڪرڻ جو زباني حڪم جاري ڪيو. ڪيس جو تحريري فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. هاءِ ڪورٽ اي ايس آءِ ظهور جي سزا خلاف اپيل قبول ڪري ورتي، جنهن کان پوءِ پوليس آفيسر کي راحت ملي وئي.










