رياض(ويب ڊيسڪ)روس چيو آهي ته پرڏيهي وزير سرگئي لاروف اڱاري تي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو سميت اعليٰ آمريڪي عملدارن سان ڳالهيون ڪندو، جيڪي يوڪرين ۾ ويڙهه ختم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي سالن کان پيچيده تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندا. روبيو سومر تي اڳواٽ طئي ٿيل شيڊول موجب سعودي راڄڌاني رياض پهتو آهي، جتي سندس هم منصب پرنس فيصل بن فرحان السعود سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. يو ايس نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر مائڪ والٽز ۽ وچ اوڀر بابت سفير اسٽيو ويٽڪوف به رياض پهچي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن سالن بعد هاءِ ليول تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ڳالهين بعد صدر ٽرمپ ۽ صدر پيوٽن به هلندڙ هفتي سعودي عرب ايندا ۽ ملاقات ڪندا. ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف صحافين کي ٻڌايو ته لاوروف ۽ يوري يوشاڪوف، صدر ولاديمير پوتن جي پرڏيهي پاليسي جو صلاحڪار، سومر تي سعودي راڄڌاني رياض پهچندا. “انهن کي اڱارو ڏينهن پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ملاقات ڪرڻ جي اميد آهي، جيڪو بنيادي طور تي روسي-آمريڪي لاڳاپن جي پوري پيچيده صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۽ يوڪرين ۾ جنگبندي تي مشاورت ڪندا،” سعودي عرب جيڪو غزا معاملي جي حل بابت آمريڪا سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، تنهن روس ۽ آمريڪا جي ملقاتن جو اهتمام ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي هم منصب سان فون تي 3 سالن کان هلندڙ يوڪرين جنگ بند ڪرڻ بابت ڳالهايو هو. تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته مارڪو روبيو غزا جي ماڻهن کي عرب ملڪن ۾ ترسائڻ واري صدر ٽرمپ جي تجويز بابت پڻ سعودي ولي عهد سان ڳالهيون ڪندو. عرب دنيا صدر ٽرمپ جي ان تجويز تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان جي مخالفت ڪئي هئي.










