بدين(ن س) صحت کاتي جي ملازمن پاران سنڌ حڪوت طرفان ھيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ جي فيصلي خلاف ۽ نرسسز جون ترقيون نه ڪرڻ ۽ عارضي ملازمن کي مستقل نه ڪرڻ خلاف ينگ نرسسز ايسو سيئيشن جي صدر رابرٽ جان پيرا ميڊيڪل ايسو سيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ حاجي حنيف سومرو الھبچايو انڙ جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال کان ڊي ايڇ او آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ھيلٿ رسڪ الائونس ختم ڪري اسان جي حق تلفي ڪئي آھي ٻئي طرف رورل ھيلٿ سينٽر پنگريو جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر لوڪمار پيرزبير شاهه مظفر احمد ۽ حاجي رمضان زنئور جي اڳواڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو انھي موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽرن نرسن ۽ پيراميڊيل اسٽاف کي ملندڙ ھيلٿ رسڪ الائونس سنڌ حڪومت بند ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي ۽ اسان جي ٻچن جو گرھ وات مان کسي رھي آھي ۽ ھڪ طرف سيڪريٽري صحت کاتو سان ڳالھيون ھلندڙ آھن ته ٻئي پاسي صحت کاتي جي وزير ڌمڪين وارا بيان ڏيئي رھي آھي جنھن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٺ ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جو صحت رسڪ الائونس سميت ٻيا جائز مطالبا مڃيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جا ڌائرو وڌايو ويندو ٻي پاسي ملازمن جي او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ٻھراڙي توڙي شھر ايندڙ عورتن ٻارڙن ۽ مردن سميت غريب ۽ ٻوڏ متاثر مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو پوي










