راڻا ثناءُ الله جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ نيب جي درخواست خارج

راڻا ثناءُ الله جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ نيب جي درخواست خارج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي ضمانت رد ڪرڻ واري نيب جي درخواست اڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي.نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ راڻا ثناءُ الله خلاف انڪوائري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ نيب جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.نيب راڻا ثناءُ الله جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو