ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪاروباري برادري ۽ عوام کي وڏو رليف ڏيندي سمورن دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ھوٽلن، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس، شادي ھالن ۽ مارڪيز کي اڳواٽ مقرر ڪيل وقت جي پابندي کان آجو ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سمورن دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس، شادي ھالن ۽ مارڪيز کي وقت جي پابندي کان آجو ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻي ڪاروباري مرڪز اڳواٽ لڳايل پابندين کانسواءِ معمول موجب پنھنجي وقت آھر ڪم جاري رکي سگھندا. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ مارڪيٽون، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن جي لاءِ مخصوص وقت توانائي جي تحفظ ۽ ڪفايت شعاري جي پاليسي تحت مقرر ڪيا ويا ھُئا، واپارين ۽ صنعتڪارن جي تجويزن، مسئلن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، سنڌ حڪومت اھو فيصلو ڪيو آھي تھ ڪاروباري سرگرميون متاثر نھ ٿين. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ، شھري سھولتن ۽ معيشت ۾ استحڪام تي يقين رکي ٿي ۽ سدائين عوامي مفادا ۽ مشورن ۽ سامھون رکندي فيصلا ڪندي آھي.ھن وڌيڪ چيو تھ واپاري برادري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ حڪومت سندن مسئلن جي حل لاءِ سمورا ممڪن قدم جاري رکندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ مشڪل معاشي حالتن ۾ بھ سنڌ حڪومت عوام ۽ ڪاروباري طبقي جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو آھي ۽ آئيندي بھ اھڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي معيشت، روزگار ۽ ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.










