سکر(جيرام داس ) سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري ڊيرا اسماعيل جيل تي حملي جي ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪري بارودي مواد برآمد ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڊيها جي ڀرسان گوسڙجي لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان جي اهم جوابدار وقار امين کي گرفتار ڪيو ويو آهي سندس چوڻ هو ته گرفتار دهشتگرد وقار امين ڊيرا اسماعيل جيل تي حملي جو ماسٽر مائينڊ آهي جيل تي حملي دوران 150 طالبان قيدي فرار ڪرايا ويا هئا. ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد وقار امين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي سندس قبضي مان بارودي مواد برآمد ڪيو ويو آهي ايس ايس پي عرفان سمون موجب پابندي مڙهيل تنظيم جي گرفتار جوابدار وقار امين کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










