دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي :بلاول

دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي :بلاول

گوا(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي.ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي اهم علائقائي پليٽ فارم سمجهي ٿو.پرڏيهي وزير چيو ته سمورا ملڪ پراڻن، تاريخي، ثقافتي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن.پاڪستان شنگهائي جي اصل روح ۾ گڏيل ترقي تي پختو يقين رکي ٿو، گڏيل ترقي جو اصول علائقائي، اقتصادي رابطن ۽ تعاون جي پاڪستان جي ويزن جي مطابق آهي.اهو هڪ اهم پليٽ فارم ٿي سگهي ٿو يوروشيائي رابطي جي نظر کي ايندڙ سطح تي وٺي. اسان سيپٽمبر 2023 ۾ علائقائي خوشحالي ڪانفرنس لاءِ ٽرانسپورٽ ڪنيڪشن جي ميزباني جا منتظر آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته سمرقند پڌرنامي خطي ۾ موثر ڪوريڊور ۽ قابل اعتماد سپلائي چينز تي زور ڏنو، گڏيل اقتصادي ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اجتماعي رابطن ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ وچ ايشيائي رياستن کي واپاري راهداري لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جو حصو بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي، معيشتن ۾ رابطن جو فقدان علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽ آهي.پرڏيهي وزير چيو ته دنيا گڏجي ڪم ڪري ته ڌرتي کي موسمياتي تبديلين جي تباهي کان بچائي سگهجي ٿو.موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ اڄ جو مسئلو آهي، اسان تازو ئي سڀ کان وڏي موسمياتي آفت کي منهن ڏنو، ڇا ٿيندو جيڪڏهن اهڙي وڏي آفت توهان جي ملڪ کي متاثر ڪري،ڇا ٿيندو جيڪڏهن هندستان جو هڪ ٽيون حصو پاڻي هيٺ هجي، چين ۾ ڇا ٿيندو جڏهن 7 مان 1 ماڻهو رات جي وقت موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿيا، اهو سڀ ڪجهه گذريل سال منهنجي ماڻهن لاءِ حقيقت هئي.اسان وڏي قيمت تي پنهنجون زندگيون ٻيهر تعمير ڪري رهيا آهيون، غربت اڃا به خطي کي پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿي، ان تي گڏيل ڪوششن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ سان ئي قابو پائي سگهجي ٿو.چين اسان کي اميد ڏياري ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، چين اسان کي سيکاري ٿو ته 40 سالن کان گهٽ عرصي ۾ 800 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪيئن ڪڍيو وڃي، اسان کي پنهنجي ترجيحن کي سڌو سنئون ڪرڻ جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ چيو ته اسان وٽ هڪ مضبوط ڪيس آهي. غربت جي خاتمي لاءِ تعاون، غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي تجويز ڪيل ايڊهاڪ ورڪنگ گروپ جو قيام هڪ اهم قدم هوندو.بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي کي سفارتي نقطن تي اسڪورنگ لاءِ هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي، پرامن، مستحڪم افغانستان علائقائي انضمام، اقتصادي تعاون لاءِ به ضروري آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي ايس سي او اجلاس جي موقعي تي تاجڪ هم منصب سان ملاقات

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مخرالدين سان ملاقات ڪئي جمعي تي پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ٻنهي پرڏيهي وزيرن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ خاص طور تي ڪاسا هڪ هزار سميت رابطن جي منصوبن جي جلد تڪميل تي به اتفاق ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ايبيسڊر زانگ منگ جي ملاقات

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل ايمبيسڊر زانگ منگ ملاقات ڪئي هي ملاقات خميس تي ڀارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت جي ويزن ۽ تنظيم جي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ايس سي او لاءِ پاڪستان جو مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ علائقائي تعاون ۽ رابطو ڪرڻ، امن ۽ خوشحالي لا3 ان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو