دنيا عالمي جنگ جو شڪار ..!!؟

دنيا عالمي جنگ جو شڪار ..!!؟

رحمت الله ٻرڙو
دنيا جو اهو ارھ زورائي بداخلاقيء تي ٻڌل اصول رهيو آھي ته طاقتور ڪمزور تي چڙھت ڪندو رهيو آھي.!!اهو ڀل پنهنجو سڳو ڀاء ڇو ڪونه هجي ننڍو طاقتور آھي ته وڏي تي چڙھت ڪندو ۽ جي وڏو طاقت ۾ آھي ته اهو به گهٽ نه ڪندو. اها ڳالھ جڏهن هڪ ڀاء کان ٻي ڀاء تائين ايئن رهي ٿي ته پوء ڳوٺ جو بڇڙو وڏيرو هجي يا ڪو ارھ زورائي پاڙيسري ملڪ ڇو ڪو نه هجي. هن جديد دنيا جي اسرڻ ۽ سڌرڻ کانپوء به توڻي جو اسانجي هن هيڏي وڏي خوبصورت دنيا کي انساني سماج جي سهولت لاء جديد ٽيڪنالوجي کان ويندي انفارميشن ٽيڪنالوجي بعد وڻج واپار جي آسانيء تائين جدت پسند هائبرڊ جنسون کاڌ خوراڪ لاء مارڪيٽ ۾ اچي ويون آھن پر پوء به اهو ئي قصو ته خوشحال ۽ طاقتور هڪ ڀاء وانگر پنهنجي ڪمزور ۽ شريف ڀاء تي ارھ زورائيء واري اصول تحت چڙھت ڪرڻ کان رڪجڻ ۽ شڪر ڪرڻ دنيا جا طاقتور حڪمران ناهن سکيا.!! ان حرص ۽ لالچ يا ڏاڍ مڙسيء دنيا ۾ هڪ ٻائيتال پيدا ڪري ورتو آھي ۽ ان ٻائيتال سبب دنيا ۾ سڪون ۽ امن و امان هڪ سواليه نشان جي صوت ۾ سامهون ٿي بيهي رهيو آھي. اهو سوال ايڏو وڏو ڏکيو ڪونهي جو چئجي ته ڪرڻ نٿو اچي سو ايئن ڪونهي.!! سوال اهو آھي ته دنيا جا بدمست حڪمران پنهنجي چڙھت واري انڌي گهوڙي تي سوار ٿي THIRD WORLD) WAR) (ٽين عالمي جنگ )جو سبب بنجي رهيا آھن.!!؟ سڀني ۾ زور آور بدمست آمريڪا ،اسرائيل،جرمني،برطانيا،فرانس،آسٽريليا کان ويندي پوري يورپ جو هڪ بلاڪ آھي جيڪو اهو مصلتي خيال رکي دنيا جي وسيلن سان مالا مال ڪمزور ملڪ اهي آفريڪن هجن يا مڊل ايسٽ جا مسلم ملڪ توڻي جو ڪجه يورپي مسلم ملڪ به هنن جي نشاني تي رهيا آھن.!! هيڏانهن رشيا جيڪا ڪنهن دور جي عالمي طاقت هئي هاڻي سويت يونين ته نه رهي پر جهوني شينهن وانگر وري هن وري دنيا ۾ ٽنگ اڙائڻ جهڙا معاملا پڻ شروع ڪيا آھن.!! اهڙي طرح سان چين دنيا جي معاشي عاملي طاقت جي بل بوتي تي سامهون اچي دنيا جو هڪ ٻيو نئون بلاڪ جوڙڻ جي ڪوششن ۾ گهڻو اڳتي نڪري آيو آھي جنهن بنياد تي هن رشيا کي پنهنجو اهم پارٽنر طور گڏ رکيو آھي. اهڙي نموني دنيا جي طاقتور عالمي دادگير آمريڪا پنهنجي پورپي بلاڪ کي ساڻ ڪري جيڪا مسلم ملڪن خصوصي طور سعودي ۽ خليجي ملڪن ۾ منصوبا بندي ڪندي پنهنجي عالمي بلاڪ ۽ مفادن جي تحفظ لاء ڳٺ جوڙ ڪئي آھي سان هڪ ته ڪنهن کان لڪل ناهي رهي. ان هيڏي وڏي عالمي ڀونچال يا ٻائيتال نيو ورلڊ آرڊر جي عالمي معاهدن جي ساک جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آھن. جنهن ڪري هاڻي اوهان کي نيوورلڊ آرڊر تحت هلندڙ عالمي سماجي معاهدا..(New world Social Contract) پنهنجي اصليت يا اثر وڃائيندي نذر ايندا. اهو ئي سبب آھي ته دنيا هن وقت هڪ اهڙي سوچ جي پويان لڳي پئي آھي جنهن جي ڪا منزل نذر ڪونه ٿي اچي باقي ڊوڙ سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ لاء پڻ آھي. اسان پنهنجي مضمونن ۾ اڳي به اهو لکندا آيا آھيون ته دنيا هن وقت نيو ورلڊ آرڊر مان نڪري نيو ورلڊ ڊس آرڊر ۾ هلي رهي آھي جنهن جا نتيجا ڪي سٺا نذر ڪونه پيا اچن.!! گذريل نائين اليون جي واقعي کان به ڪجھ عرصو اڳ جڏهن دنيا جي عالمي طاقت سڏائيبدڙ بدمست (يو ايس اي) متحده امريڪا سوچي نائين اليون جا سبب پئي ڳولهيا تڏهن کان اهو نيوورلڊ آرڊر پنهنجي آخري هڏڪين ۾ وڃي رهيو هو. دنيا ڏٺو ته هي گذريل 24 سالن ۾ جيڪو به افغان وار کان ٿيندو عراق ،مصر مطلب (Arab Spring )تائين ۽ هاڻي فلسطين جي جنگ کان ويندي يوڪرين ۽ يمن تي ٿيلن حملا ٻڌائن ٿا ته دنيا جو جو عالمي بدمست طاقتون جيڪي ٻن بلاڪن جي صورت اختيار ڪري اڳتي وڌڻ کانپوء پاڻ کي عالمي پس منظر ۾ بئلنس ڪرڻ طرف روان دوان پڻ آھن سي نيو ورلڊ آرڊر جون ڌڄيون اڏاري چڪيون آھن. هاڻي دنيا جڏهن ٻن بلاڪن يعني هڪ امريڪا سميت يورپين بلاڪ جنهن کي امريڪا جي سربراهي پڻ آھي بشمول جرمني، برطانيه،فرانس کان ويندي آسٽريليا جهڙا ملڪ به ان جا اتحادي آھن. ٻي طرف چين پنهنجي معاشي مفادن پٽاندڙ اپائن جي بنياد تي سامهون اچي پنهنجو هڪ عالمي دٻدٻو قائم رکڻ وارين ڪوششن ۾ رشيا کي پڻ گڏ کڻي ايشيا ۾ فقط ڀارت يعني انڊيا سان اختلاف رکندي پاڪستان سميت ايران ۽ خليجي ملڪن کان ويندي ترڪيء تائين پنهنجي معاشي مفادن جي هڪ لڪير سي پيڪ پروگرام ۾ رکندي پاڙيسري ملڪن جتان هن کي لنگھ ملي ٿو اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي جنهن سبب وچ ايشيا ۾ چين پنهنجو هڪ سٺو اثر رکي هڪ نئون عالمي بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هاڻي جڏهن ان بنياد تي رشيا کانپوء چين کي پاڪستان جو هجڻ ۽ پاڪستان سان هماليه کان به مٿائين دوستي نڀائڻ سميت سامونڊي ۽ زميني لنگھ پڻ کپي پيو ته جيئن ان جي عالمي مارڪيٽ ۾ رسد سولي ۽ سستي ٿي بيهي. هاڻي جڏهن چين ۽ رشيا زميني لنگھ کان ويندي سامونڊي گرم پاڻيء واري لنگھ سبب اسان سان معاشي مفادن جي بنياد تي گڏ ٿيا ته وري ان جي مخالفت ۾ انڊيا ايران سان گواردر جو ٽوڙ چاھ بهار جي سي پورٽ جي بنياد تي پڻ ڪڍڻ چاهيو چين مخالفت ۽ پاڪستان مخالفت سبب. انهن ڳالهين کي سامهون رکي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي رياستي ۽ عوامي توڙي ادارتي مفادن جو تعين ڪنداسين ته اسان کي پوري دنيا جي عالمي منظر نامي کي سامهون رکي پنهنجيون پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. انهن پاليسين ۾ اسان جي رياستي زميوار اختيارين جو هجڻ ضروري پڻ ٿيندو. گذريل ڏينهن تي ايران پاران پاڪستان جي سرحدن اندر ڪارروائي ڪرڻ کان ويندي افغان پاليسيء تي گهڻي غور و فڪر ڪرڻ جي سخت ضرورت پڻ آھي. دنيا جي عالمي سفارتي ۽ معاشي توڙي سرحدي معاهدن ۽ مفادن اڳيان روايتون ۽ مذھبي حدبنديون ڪا اهميت ناهن رکنديون.ڇوته اتي نه ته ڪا روايت يا مذھبي رواداري جي ضرورت آ ۽ نه ئي ڪو اٽڪاء آھي. ان ڪري اسان هتي اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پوري دنيا جي سڌريل توڙي اڻ سڌريل ترقي يافته يا ترقي پذير،عالمي طاقتور قوتون يا دنيا جا ڪمزور ملڪ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ويهڻو پوندو ۽ عالمي امن ۽ انسانيت واري پروگرام کي سامهون رکي هڪ نئون عالمي پڌرنامو يعني New World Declaration طرف اچڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي جي عالمي پس منظر ۾ سفارتي، سماجي،معاشي،سرحدي،مذھبي ۽ اخلاقي تميز رکڻي پوندي. هن وقت ڄڻ ته اقوام متحده کان ويندي او آئي سي هتي ايشيا ۾ شهنگائي تعاون تنظيم ۽ سارڪ جهڙيون آرگنائيزيشن پنهنجي اصولن سامهون ڄڻ ته پٺي ڏئي بيٺيون آھن.
اهڙي نموني نيورلڊ آرڊر پنهنجي ساک سميت پنهنجو نيو شوشل ڪانٽريڪٽ جي هئيت وڃائي وڃي نيو ورلڊ ڊس آرڊر جو شڪار ٿيو آھي ۽ ايئن ان نيو ورلڊ ڊس آرڊر دنيا کي هڪ هن انفارميشن ٽيڪنالوجي جي چڪر ۾ انفارميشن انٽيليجنسي ۾ آڻي بيهاريو آھي جتي ڪا به شيء سبتي مان ابتي ڪرڻ ۽ ابتي مان سبتي ڪرڻ مشڪل ناهي رهي. انهيء هيجان واري عالمي منظر نامي ۾ فلسطين وارو انساني ڪوس کان ويندي يوڪرين ۽ يمن واريون جنگيون ٻڌائن ٿين ته دنيا هڪ نئي ٻائيتال يا ڀونچال جو شڪار ٿيڻ طرف وڃي رهي آھي .!! پاڪستان انهن ئي سڀني عالمي تضادن جو ڪٿي سڌو ته وري ڪڏھن اڻ سڌو اثر هيٺ رهيو آھي.هاڻي به ايران واري حملي کان ويندي افغان جنگ جي هيڏي وڏي علائقائي توڻي عالمي طاقتن واري افغان رشاڪشيء واري صورتحال کان پاڪستان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو. هاڻي ان مٿي سموري عالمي مفاداتي جنگ ۽ ٽڪراء ٻڌائن ٿا ته ڪا ٽين عالمي جنگ (New Third World War)نه ڇڙي پوي.!!؟؟ جيڪڏهن ايئن ٿي پوي يا ان جا ڪي آثار اڃا ڪجھ ٻيا نڪري پون ته ان پس منظر ۾ اسان کي پنهنجي ملڪ پاڪستاني رياست ۽ عوامي توڙي قومي مفادن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي سو اڄ جو اهم سوال پڻ آھي جنهن تي اسان جي ملڪي ادارن جي اعلي اختيار رکندڙ زميوارن کي بهترڪردار ادا ڪرڻ لاء ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو