واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)دنيا جو پهريون جهاز جنهن کي اڏامڻ لاءِ روايتي ٻارڻ جي ضرورت ناهي پر بجلي جي مدد سان اڏامي سگهي ٿو.ايلس نالي آل اليڪٽرڪ مسافر جهاز جي پروٽوٽائپ ماڊل جي پهرين آزمائشي اڏام ڪامياب ٿي وئي.27 سيپٽمبر تي هي جهاز آمريڪا جي گرانٽ ڪائونٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏام ڪيو ۽ 8 منٽن جي اڏام دوران 3500 فوٽن جي اوچائي تي پهچي ويو.جهاز ايوي ايشن ايئر ڪرافٽ ڪمپني پاران تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان جي سي اي او گريگوري ڊيوس چيو آهي ته نئين تاريخ ٺاهي وئي آهي ڇو ته پروپلشن ٽيڪنالاجي 1950 کان وٺي تبديل نه ڪئي هئي.هي جهاز اليڪٽرڪ گاڏي يا سمارٽ فون جهڙي بيٽري ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿو ۽ صرف 30 منٽن جي چارجنگ سان هي جهاز هڪ ڪلاڪ تائين پرواز ڪري سگهي ٿو. هي جهاز 9 مسافر ۽ 2 پائلٽ کڻي سگهي ٿو ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ رفتار 287 ميل في ڪلاڪ آهي. ڪمپني کي 2027 تائين ايئر لائنز کي جهاز پهچائڻ جي اميد آهي.ايوي ايشن ايئر ڪرافٽ 2025 تائين جهاز جو فائنل ورزن مڪمل ڪندو ۽ پوءِ ان کي هڪ يا ٻن سالن تائين آزمائيندو.واضح رهي ته هن جهاز جي پهرين اڏام 2021 ۾ متوقع هئي پر ڪورونا وائرس جي وبا ۽ ٻين مسئلن جي ڪري اهو نه ٿي سگهيو.










