دادو )ن سنڌيار)سنڌ جي ضلعي دادو جي تعلقي ميهڙ ۾ سپروائي ڊيم جي آخري لائين ۾ 30 فوٽ ويڪرو شگاف پئجي ويو آهي، جنهن سبب 100 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ حڪومت پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ جوهي ڪئنال کي ڪيرائي ڇڏيو، ٻوڏ سبب جوهي شهر سميت 60 ڳوٺ متاثر ٿيندا. ٻئي طرف سانگهڙ ڀرسان گٽر جي شگاف جي مرمت نه ٿيڻ ڪري پاڻي سانگهڙ شهر ڏانهن وڌڻ لڳو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.










