خيرپور (ن س): خيرپور انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي شا خ ۾ وهنجڻ ويل هڪ ئي خاندان جا 4 معصوم ٻار اونهي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب ٻار گرمي جي شدت سبب نھر ۾ وهنجڻ ويا هئا ته اوچتو ٻڏي ويا. واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهن ۽ امدادي ٽيمن ڳولا ڪري چئني ٻارن جا لاش شاخ مان ٻاهر ڪڍيا، جنهن بعد لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي. فوت ٿيل ٻارن جي عمر 8 کان 12 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي.










