پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلط فيصلي جڊيشل سسٽم کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي، جڊيشل ضابطن ۽ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.صوبائي بار ڪائونسل جي پڌرائيءَ موجب وفاقي حڪومت چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ڪري، سينيئر ججن کي نظرانداز ڪرڻ جڊيشل ضابطن کي کليل ڀڃڪڙي آهي.










