خون معاف، ڪارساز حادثي جي جوابدارن جي ضمانت منظور

خون معاف، ڪارساز حادثي جي جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيشن عدالت جمعي جي ڏينهن ڪارساز حادثي جي ڪيس ۾ داخل ٿيل ڊرائيور نتاشا دانش ۽ ان جي مڙس جي قتل جي الزام ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، ڪراچي اوڀر جي ايديشنل سيشن جج جي عدالت کي فوتين جي وارثن جي وڪيل ٻڌايو ته جوابدارن کي خدا ڪارڻ معاف ڪيو ويو آهي. 19 آگسٽ تي شهر جي ڪارساز روڊ تي هڪ تيز رفتار ٽويوٽا لينڊ ڪروزر، جنهن کي نتاشا هلائي رهي هئي، ٽن موٽرسائيڪلن ۽ ٻي ڪار کي ٽڪر هنيو هو. حادثي ۾ 60 ورهين جو عمران عارف ۽ سندس 22 ورهين جي ڌيءَ آمنه ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. ان کان پوء، نتاشا کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پوليس حادثي جي جاچ لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي هئي، جاچ دوران ڊرائيور جي مڙس دانش اقبال کي به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو. جڏهن ته، بعد ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 ڏينهن جي حفاظتي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڏني هئي. 28 آگسٽ تي، سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي هئي ته نتاشا ڊرائيونگ دوران آئيس (ڪرسٽل ميٿ) جي نشي جي اثر هيٺ هئي.نتيجي طور، پوليس پاران نتاشا جي خلاف هڪ الڳ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ عدالت حادثي واري ڪيس ۾ نتاشا کي ضمانت ڏني هئي پر منشيات ڪيس جي نتيجي تائين کيس حراست ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو هو. ايڊووڪيٽ عامر منصور قريشي ٻڌايو ته عدالت، نتاشا ۽ سندس مڙس جي ضمانت بالترتيب هڪ لک ۽ 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي آهي. فريادين جي وڪيل عزيز غوري چيو ته منهنجي موڪلن خدا واسطي جوابدارن کي معاف ڪيو آهي ۽ خون بها ناهي ورتي.ياد رهي ته جوابدار نتاشا جو وڏي ڪاروباري گروپ، گل احمد جي خاندان سان تعلق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو