خضدار بازار ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت 5 ٻيا زخمي

خضدار بازار ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا فوت 5 ٻيا زخمي

خضدار(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي خضدار ضلعي جي مارڪيٽ ۾ اربع ڏينهن هڪ ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا. ريسڪيو سروس ايڌي فائونڊيشن ٻڌايو آهي ته خضدار جي نال بازار ۾ ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي هڪ بيان ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. وزير اعليٰ بگٽي وڌيڪ چيو ته “هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو آندو ويندو.” “امن دشمن عنصر پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا ۽ هن واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.”

پهنجو تبصرو موڪليو