اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن جون دليون ۽ ذهن نفرت جي زهر سان ڀري 9 مئي واقعو ڪرايو هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته هو ان جو ذميوار نه آهي هي اهو شخص آهي جنهن آئين، قانون، صداقت ۽ امانت جي هر حد اورانگهي خميس تي عمران خان جي انٽرويو تي ردعمل ڏيندي پنهنجي ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير عمران خان جي انٽرويو جي جملي مون کي جيل ۾ وجهندا ته ردعمل ته ٿيڻو هو ٻئي جملي هي سڀ ورڪرن ۽ پارٽي اڳواڻن ڪيو آهي جو حوالو ڏيندي چيو ته هي انٽرويو نه آهي ٻٽي ۽ ڪوڙي ڪردار جي شخصيت جو آئينو ۽ اصل مهانڊو آهي هي ان سڀ لاءِ سبق آهي جيڪي گمراهه جي گمرائي ۽ فريب ۾ اچي ويا هر غلط ڪم پاڻ ڪيو هر ڀيري پڪڙجڻ تي الزام ٻين تي لڳايو وفاقي وزير چيو ته ون پيج سان مان ته بي اختيار هيس آمريڪا منهنجي حڪومت ڪيرائي محسن نقوي منهنجي حڪومت ڪيرائي جهڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص هاڻي 9 مئي جي ذميواري به آخرڪار پنهنجن ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن تي وجهي ڇڏي اهي هن چيو ته جن فسادي جي ڀڙڪائڻ تي پاڪستان کي تيلي ڏني قومي وقار ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪئي ساڳيو ڪم هن فارن فڊنگ جي ذميواري پارٽي اڳواڻن تي وجهي ڪيو عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر، سائفر، تاريخي ڪرپشن جي ذميواري ٻين تي وڌي هي اهو شخص آهي جنهن آئين قانون صداقت ۽ امانت جي هر حد اورانگهي.










