اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي فنڊنگ واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان آمريڪي ۽ ڀارتي شهرين کان فنڊ گڏ ڪندو رهيو ۽ گڏ ڪيل رقم خيراتي مقصدن لاءِ ذاتي ۽ پارٽي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي. هن چيو ته 1947 کان 2018 تائين پاڪستان جو قرض هڪ طرف ۽ عمران خان جو قرض هڪ طرف. بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ ڀارت کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت سان واپار نٿو ٿي سگهي، اها بي نقاب ٿي رهي آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته بي جي پي رڳو پاڪستان نه پر اسلام جي به خلاف آهي.










