خان جو پمز ۾ اکين جو ٻيو معائنو، انجڪشن جو ٻيو ڊوز ڏنو ويو

خان جو پمز ۾ اکين جو ٻيو معائنو، انجڪشن جو ٻيو ڊوز ڏنو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اکين جي علاج جي فالو اپ لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو.ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز موجب باني کي 24 فيبروري تي اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پي ٽي آءِ جي باني کي اينٽي وي اي جي ايف انٽراوٽريل انجڪشن جو ٻيو دوز ڏنو ويو، پمز اسپتال موجب ڊوز ڏيڻ کان اڳ ڪارڊيالوجسٽ ڪنسلٽنٽ ايڪو ڪارڊيوگرافي ۽ اي سي جي ڪئي، جن جا نتيجا نارمل هئا. باني جا وائٽل اسپتال ۾ رهڻ دوران طريقيڪار دوران ۽ بعد ۾ مستحڪم رهيا، جڏهن ته فزيشن پڻ کيس طبي طور تي مستحڪم قرار ڏنو.اهو عمل پمز ۽ شفا آئي اسپتال جي هڪ فزيشن اکين جي ماهر ۽ فزيشن ويٽريوريٽينل سرجن جي رهنمائي هيٺ ڪيو ويو. اهو عمل هڪ ڊي ڪيئر سرجري جي طور تي ڪيو ويو ۽ طريقيڪار کان اڳ ماهرن جي بورڊ پاران معائنو ڪيو ويو.اسپتال جي بيان موجب، معائني کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني کي ضروري هدايتن، فالو اپ صلاح، نسخن ۽ دستاويزن سان ڊسچارج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو