اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 86 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 17 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ به 6 رپيا 32 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 رپيا 72 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. قيمتن ۾ گهٽتائي جو هي فيصلو پهرين آگسٽ کان 15 آگسٽ تائين جاري رهندوئ ياد رهي ته انٽرنيشنل تيل جي مارڪيٽ ۾ گهٽ کپت سبب قيمتون گهٽ رهيون پر 31 جولاءِ تي حماس جي اڳواڻ جي ايران م قتل بعد تيل جي قيمتن م ڪجهه اضافو ٿيو آهي.











