ميرا گھر ميرا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جاري رهندي:مفتاح

ميرا گھر ميرا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جاري رهندي:مفتاح

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت ميرا گھر ميرا پاڪستان هائوسنگ لون اسڪيم جاري رکندي. هن چيو ته ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سان ميٽنگ به ٿي چڪي آهي، جن ماڻهن جون درخواستون وصول ڪيون آهن انهن لاءِ به اها اسڪيم جاري رهندي، جنهن ۾ اهي به شامل آهن جن ايڊوانس رقم ادا ڪئي آهي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو ڪمرشل بئنڪن کي به سود جي شرح گهٽائڻ لاءِ چوندو. اسڪيم جي بحالي جو ڪم پڻ جاري آهي، اسڪيم کي سستو ۽ جامع بڻايو ويندو، نظرثاني ٿيل اسڪيم جلد متعارف ڪرائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو