ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي رڪن مولانا عبدالغفور حيدري بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قيادت تي جيل ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي هٿان انسانيت سوز تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڄي قيادت هن وقت جيل ۾ آهي ۽ پاڪستان جي قانوني دائري ۾ رهندي اعليٰ عدالتن ۾ پيش به ٿي رهي آهي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته رياستي ادارن پاران اهڙو ظلم ۽ جبر وڏي افسوس جوڳو عمل آهي، جتي قيد ٿيل اڳواڻ اڳ ئي قانوني عمل مان گذري رهيا آهن، رات جي اونداهيءَ ۾ سي ٽي ڊي جا اهلڪار ڌاڙيلن وانگر جيل ۾ گهڙي عورتن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙي رهيا آهن. مولانا حيدري چيو ته رياست طرفان عورتن سان اهڙي قسم جو رويو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ظلم جتي به ٿيندو، جمعيت علماءِ اسلام ان جي خلاف آواز اٿاريندي. مولانا عبدالغفور حيدري زور ڀريو ته ڪنهن به تحريڪ کي ظلم ۽ جبر سان ختم نٿو ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو موقف آهي ته بلوچستان جا مسئلا غير سنجيدگي سان حل نٿا ٿي سگهن. مولانا حيدري چيو ته جيستائين هڪ بااختيار بلوچستان جي وسيلن تي حق ڏيڻ ۽ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنجيده، باوقار ۽ بامقصد ڪوششون نه ڪيون وينديون، تيستائين اهڙن هٿڪنڊن ۽ ظالماڻي رويي سان بلوچستان جو مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ سنگين ٿيندو.










