حيدرآباد ۾ برسات، روڊ رستا پاڻي هيٺ، اسڪولن ۾ موڪل

حيدرآباد ۾ برسات، روڊ رستا پاڻي هيٺ، اسڪولن ۾ موڪل

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف شهرن جيان حيدرآباد ۾ گذريل رات کان تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن سبب شهر جون اهم شاهراهون ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. لطيف آباد، قاسم آباد ۽ تعلقه حيدرآباد ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ۽ ڪٿي آهستي برسات ٿي، جڏهن⁠ته هالا، نيو سعيدآباد، ڀٽ شاهه ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ به بادل کلي وسيا آهن. ان کان علاوه قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني، ٿڌي سڙڪ سميت ٻين علائقن ۾ به تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ سڙڪن تي پاڻي گڏ ٿي ويو. برساتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي ڀر ۾ سڀني سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ اڄ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. مٽياري ۾ به اڄ تعليمي ادارا بند رهندا، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو