ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اڄ سينٽرل پوليس آفيس (CPO) ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي هن شهر جي سيڪيورٽي صورتحال، مانيٽرنگ نظام ۽ حضرت علي عليه السلام جي يومِ شهادت جي موقعي تي ڪيل حفاظتي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. سينٽرل پوليس آفيس پهچڻ تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين سينيئر پوليس آفيسرن گهرو وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. گهرو وزير دوري دوران مرڪزي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو معائنو ڪيو، جتي کيس سڄي شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي جاري مانيٽرنگ، ڏوهن جي روڪٿام ۽ سيڪيورٽي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو گهرو وزير کي آگاهه ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان شهر جي مختلف علائقن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهم مذهبي موقعن جي حوالي سان خاص سيڪيورٽي پلان تي به اثرائتي نموني عملدرآمد جاري آهي. ان موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اثرائتي مانيٽرنگ ۽ وقت سر کنيل حفاظتي قدم ڏوهن جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. هن سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پوليس فورس پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته پوليس کي جديد تقاضن موجب جديد ٽيڪنالاجي، ضروري اوزارن ۽ تربيت سان مڪمل طور ليس ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. گهرو وزير ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پوليس تي عوام جو اعتماد مضبوط ۽ اٽل هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ اداري جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. بعد ۾، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار حضرت علي عليه السلام جي يومِ شهادت جي موقعي تي نڪرندڙ مرڪزي جلوس جي رستن جو به دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پڻ ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي گهرو وزير کي جلوس جي رستن تي پوليس جي نفري، ٽريفڪ مئنيجمينٽ، نگراني جي نظام ۽ ٻين حفاظتي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جلوس جي پرامن منعقد ڪرڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.گهرو وزير چيو ته حضرت علي عليه السلام جي يومِ شهادت اسان کي صبر، برداشت ۽ گڏيل احترام جو درس ڏئي ٿي. اهڙن موقعن تي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظهر سماجي رواداري لاءِ ناگزير آهي. هن چيو ته بين المسالڪ هم آهنگي ۽ مذهبي رواداري جي فروغ لاءِ تمام طبقن کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت مذهبي گڏجاڻين ۽ جلوسن جي پرامن منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن، انتظاميه ۽ عالمن سڳورن جي گڏيل سهڪار سان هر اهم مذهبي موقعي تي مثالي نظم ۽ ضبط قائم رکيو وڃي ٿو. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته عوام کي گهرجي ته هو سيڪيورٽي ادارن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ امن امان جي قيام لاءِ پنهنجي ذميوارين جو به احساس ڪن. هن چيو ته سنڌ حڪومت مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي فروغ کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکي ٿي. دوري جي موقعي تي ايڊيشنل آئي جيز، ڊي آئي جيز (هيڊ ڪوارٽرز، آئي ٽي، ٽريننگ) ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا.










