اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اهڙي حساس ۽ اهم معاملي تي جيڪڏهن جلدبازي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قبول نه ڪيو ويندو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ حڪمران اتحاد سان ڊگهي صلاح مشوري ڪئي هئي ته حڪومت کي ڌر بڻايو وڃي.مطالبو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ۾ شفافيت آندي وڃي اڄ جڏهن سياسي پارٽين جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا ته ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو،سپريم ڪورٽ جو حڪم برقرار آهي پر هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي معطل ڪيو ويو،ان معاملي تي قانوني حلقن ۾ وڏي ڳڻتي آهي.هن چيو ته بي اعتمادي جو اظهار ڪرڻ باوجود بينچ معاملي کي اڳتي وڌايو، اسان جي درخواست هئي ته اهڙي بينچ ٺاهي وڃي جيڪا سڀني کي قبول هجي، ٽن جي خلاف چئن ججن جو فيصلو اچي چڪو آهي، اسان جي وڪيلن چيو ته اسان جا اعتراض اڳ ٻڌا وڃن. ٻڌڻي دوران مسلسل درخواستن باوجود اسان کي ڌر نه بڻايو پيو وڃي،اسان پهرين ڌر هئاسين پر خبر ناهي اسان کي ڪڏهن ڌر ٿيڻ کان انڪار ڪيو ويو.سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ادارن جي اندر مان آواز اٿاري رهيا آهن، انهن آوازن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.اٽارني جنرل چيو ته ججن تي ٻڌل 6 رڪني بينچ جوڙي وڃي جيڪي اڳ بينچ ۾ شامل نه هئا، هاڻي خبر آئي آهي ته فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ سڀاڻي ٻڌايو ويندو.قانون واري وزير چيو ته اهڙي حساس ۽ اهم معاملي تي جلدبازي ۾ فيصلو قبول نه ڪيو ويندو، اسان توهان کي گذارش ڪريون ٿا ته پهريان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريو.هي اهو ئي ادارو آهي جنهن هڪ ڊڪٽيٽر کي 3 مهينن بدران 9 سال ڏنا.هن وڌيڪ چيو ته ادارا پنهنجي عمل سان عزت ماڻيندا آهن، ادارن جي ججن جا آواز اٺ ٿي چڪا آهن پر انهن آوازن کي دٻايو پيو وڃي، جيڪڏهن جلدبازي ۾ ڪو فيصلو ڪيو ويو ته تاريخ اهو فيصلو ڪاري صفحن تي لکندي. اهم قومي مسئلي تي تڪڙ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تڪراري فيصلو ٿيندو.وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس اڄ به چيو آهي ته سياسي پارٽيون پاڻ مسئلا حل ڪن، مان چيف جسٽس کي چوندس ته پهريان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪري، پهرين پنهنجي گهر جو جائزو وٺي پوءِ اتان ايندڙ آوازن کي ٻڌو.










