ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.هڪ بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 67 ڊالر في بيرل کان گهٽ ٿي وئي آهي، حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري.امير جماعت اسلامي چيو ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 60 رپيا في ليٽر اضافي ٽيڪس غير قانوني آهي، ان ٽيڪس جي خاتمي سان معاشي سرگرميون وڌنديون.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ناڪامي تي عوام جو غصو نه ڪڍي.










