جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل، 3 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، نوجوان قتل، 3 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان دستي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ڏنڊا لڳڻ سبب نوجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمع دستي ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 20 ورهين جو ضمير لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جهيڙي ۾ مير محمد لکمير سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏني وئي نوجوان جو مڙهه سول اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو