جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان دستي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ڏنڊا لڳڻ سبب نوجوان قتل ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمع دستي ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب 20 ورهين جو ضمير لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جهيڙي ۾ مير محمد لکمير سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏني وئي نوجوان جو مڙهه سول اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.










